اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي ??يو آهي ته صحت مند ۽ ترقي يافته معاشري جي قيام لاءِ عورتن جو صحت مند ه??ڻ ضروري آهي، ڇاتي جي ڪينسر جي جلد سڃاڻپ سان علاج ممڪن آهي، عورتن ۾ بيماري جي حوالي سان شعور آگاهي پکيڙڻ ۾ ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ خاص طور تي پارليامينٽ جي عورت ميمبرن کي پنهنجو خصوصي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اها ڳالهه هن ??تي پارليامينٽ هائوس ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۽ واڪ جي موقعي تي منعقد تقر??ب کي خطاب ڪندي چئي، ان موقعي تي سينيٽ ۽ قومي ??سيمبلي جون عورت ميمبرن سميت معاشري جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ عورتن جو هڪ وڏو تعداد موجود هو.