اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? اسد قيصر سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نور الحق ??ادري ملاقات ڪئي جنهن ۾ بابري مسجد جي شهادت جي حوالي سان ڀارت جي خصوصي عدالت جي فيصلي سميت ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچس??ي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پير نور الحق ??ادري قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? جي افغانستان جي لاءِ نئين ويزا پاليسي جي منظوري جي لاءِ ڪردار جي واکاڻ ڪئي، هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته افعانستان جي لاءِ نئين ويزا پاليسي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ واپاري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۾ جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، اس??يڪ?? اسد قيصر بابري مسجد جي شهادت جي حوالي سان ڀارت جي خصوصي عدالت جي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارت ?? اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي بنيادي حقن کي بري طرح پائمال ڪيو پيو وڃي ۽ ان فيصلي سان پوري مسلمان امت جا جذبا مجروح ٿيا آهن.