اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، نئون سياسي نقشو قوم جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ڪشميرين کي جلد انهن جي منزل ملي، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي ??ٿارينداسين، منزل تائين پهچڻ کان اڳ ان جو تصور ذهن ۾ آڻڻ لازمي هوندو آهي. پاڪستان جو نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي قوم ??ي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته اهو نقشو پهريون قدم آهي، ڀارت 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو هيءَ نقشو ان جي نفي آهي، والاريل ڪشمير ج?? ماڻهو پاڪستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا، مون کي يقين آهي ته اهي پنهنجي منزل تائين ض??ور پهچندا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا سياسي نقشي جي باقاعده منظوري ڏني، ڪشمير مئسلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۾ آهي. عمران خان چيو ته اسان سياسي جدوجهد ڪنداسين، فوجي جدوجهد کي نه ٿا مـڃون، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي ??ٿارينداسين، جيستائين زندهه آهيان پاڪستاني قوم ??شمير جي لاءِ جدوجهد ڪندي. هن چيو ته نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ??اهر ڪيو ويو آهي، ڪشمير پاڪستان جو حصوبڻجندو هي نقشو پهريون قدم آهي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پاڪستان جي سمورن سياستدانن نئين نقشي جي تائيد ڪئي.