??سل??م آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان عزم کي ??رجايو آهي ته هڪ طرف عوام کي ڪرونا وائرس وبا کان بچائڻ ۽ ٻئي طرف عوام کي بک، غربت ۽ بيروزگاري کان به محفوظ رکڻو آهي، وفاقي ڪابينا قومي رابطا ڪميٽي جي فوڊ سپلاءِ جي ل??ءِ گڊز ٽرانسپورٽ کولڻ جي فيصلي تي سنڌ حڪومت پاران عملدرآمد نه ڪرڻ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪي?? ۽ رينجرز کي ه??ايت ڪئي وئي آهي ته اها قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن تي ان جي روح موجب عملدرآمد کي ??قيني بڻايو وڃي، وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس متاثر ماڻهن جي تذليل ۽ بدسلوڪي جو نوٽيس وٺندي ه??ايت ڪئي ته ڪرونا وائرس جي مريضن سان بهتر سلوڪ ڪي?? وڃي، وفاقي ڪابينا 1200 ارب جي معاشي رليف پئڪيج ۽ 700 بلين جو هدف حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ سڪوڪ بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان ڪرونا جي موجوده صورتحال جي حوالي سان ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ۽ ڪرونا وائرس کان بچڻ ۽ ان جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ منفي اثرن کان بچائڻ جي ل??ءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪي??.