اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت کي ر??است جو مفاد سياست سان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ عزيز آهي، قومي بياني جون ڪوڙيون خبرون رياست جي مفاد کي نقصان پهچائينديون آهن ۽ معاشري جي تباهي جو سبب بڻجنديون آهن، موجوده دور ميڊيا جو آهي، جنگيون ميڊيا جي محاذ تي وڙهيون پيون وڃن، سچ کي اجاگر ڪرڻ ل??ءِ عالمن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هو ??عاشرتي سڌارن ۾ عالمن جي ڪردار بابت تقريب کي خطاب ڪري ر??ي هئي.