پشاور-30 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي ضلعي اپر دير ??ي علائقي پاتراڪ ميدان واري هنڌ تي ڇپُون ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ گهر ??هي پيو جنهن سبب هڪ ئي ڪٽنب جا 12 ڀاتي دٻجي فوت ٿي ويا. ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر ريسڪيو 1122 اپر دير موجب پاتراڪ ۾ مسلس?? تيز برساتن سبب لينڊ س??ائيڊنگ جي نتيجي ۾ هڪ گهر مڪمل طور تي ??هي پيو جنهن ۾ موجود 12 ماڻهو دٻجڻ جو اطلاع مليو. ريسڪيو 1122 ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو. ريسڪيو 1122 ڊٺل گهر جي ڀنجو هيٺان دٻيل 12 ماڻهن جا لاش ڪڍيا، فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ريسڪيو 1122 سمورا لاش ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيا جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر جي نگراني ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو.