بيروت-25 سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيل پاران لبنان تي چئني پاسن کان هڪ سلسليوار فضائي حملا ڪي?? ويا آهن، جنهن ۾ اسرائيلي فضائيه جي 2500 ويڙهاڪ جهازن ڏکڻ لبنان ۽ او??ر وادي بيڪا تي 2000 ننڍا بم ڪرايا. الجزيره مطابق اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هاگري چيو آهي ته اسرائيلي فضائيه گذريل ڏينهن ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي فضائي آپريشن ۾ 2500 ويڙهاڪ جهازن سان چئني پاسن کان ڏکڻ لبنان ۽ او??ر وادي بيڪا تي حزب الله جي ٺڪاڻن تي 2000 هزار بم ڪرايا. اسرائيلي فوج چيو آهي ته حزب الله کي ڪو وقفو نه ملندو ۽ حملا ان وقت تائين ڪي?? ويندا جيستائين بي دخل ڪيل اسرائيلين کي واپس آڻڻ جو جنگي هدف حاصل نٿو ٿي. اسرائيل جي لبنان تي حملن ۾ 50 ٻارن سميت 569 شهري شهيد ٿي چڪا آهن. الجزيره مطابق ڏکڻ لبنان جي نباتيه گورنريٽ ??ي علائقي عين قانا تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ 3 لبناني شهري فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا آهن. لبنان جي صحت وزارت جو چوڻ آهي ته ڏکڻ لبنان جي جابلو علائقي چوف ۾ لبناني ڳوٺ جون تي اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا آهن. جڏهن ته ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملي ۾ عرب نشرياتي اداري جو ڪئمره مين شهيد ٿي ويو. ميڊيا رپورٽ مطابق المنار ٽي وي جو ڪئمره مين ڪامل قراجي ڏکڻ لبنان ??ي علائقي قنطار اپر اسرائيلي فضائي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي. الجزيره مطابق هڪ ٻيو ص??اف?? هادي السيد، جيڪو لبناني ٽي وي چينل الميادين لاءِ ڪم ڪندو هو، جڏهن ته سومر ڏينهن ڏکڻ لبنان ۾ سندس گهر تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو. قراجي 7 آڪٽوبر 2023ع بعد لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل پنجون ص??اف?? آهي. ص??اف??ن ??ي عالمي فيڊريشن رائٽرز ??ي عصام عبدالله سميت چار وڌيڪ ص??اف??ن جي مارجڻ جي مذمت ڪئي آهي، عصام عبدالله المالشعب ۾ ص??اف??ن جي هڪ گروپ تي اسرائيلي ٽينڪ جي فائرنگ سبب مارجي ويو هو.