اسلام آباد/نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغان عوام کي امڪاني انساني بحران جي خطري کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري کان انساني مدد جي فر??هم?? يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي پرڏ??هي آفيس پاران جاري پ??يس رليز موجب پرڏ??هي وزير نيويارڪ ۾ گڏيل جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي آئ??لينڊ جي پرڏ??هي ۽ دفاع واري وزير سائمن ڪووني سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٻنهي پرڏ??هي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏ??هي وزيرن افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. افغان عوام کي امڪاني انساني بحران جي خطري کان بچائڻ لاءِ عالمي برادري پاران انساني مدد جي فر??هم?? کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو، پرڏ??هي وزير چيو ته آئ??لينڊ يورپي يونين جو اهم ملڪ آهي، هن چيو ته پاڪستان آئ??لينڊ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي ??هم??ت ڏي ٿو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته آئ??لينڊ ۾ وڏي تعداد ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام ۾ هڪ پل جو ڪم ڪندي آهي، پرڏ??هي وزير موثر انداز ۾ ڪورونا وائرس وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪاميابي تي آئ??لينڊ حڪومت جي حڪمت عملي ۽ ڪوششن کي ساراهيو ان موقعي تي ٻنهي پرڏ??هي وزيرن پاڪستان ۽ آئ??لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورتي ميڪنزم کي فعال بڻائڻ ۽ اعليٰ سطح جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ آئ??لينڊ جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ماحوليات، صحت تجديد جي قابل توانائي، زراعت، سياحت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت تي آئ??لينڊ جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏ??هي وزير پاڪستان ۾ وبائي ۽ سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جي قدمن جي واکاڻ ڪئي.