اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مختلف عالمي مالياتي ادارن وانگر ايشيائي ??رقياتي بئنڪ پاران به پاڪستا??ي معيشت ۾ بهتري جي اڳڀرائي ??وش آئنده آهي، اي ڊي پي، سماجي ت??فظ?? اداره جاتي سڌارن سان معاشي گروٿ، پاڪستان ۾ روانگي واپار ۾ اضافي ۽ مينيوفيڪچرنگ شعبي جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري جي تصديق ڪئي ??هي. پنهنجي ٽوئِيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته اي ڊي پي ڪورونا وائرس جي حملن دوران پاڪستان جي ڪامياب حڪمت عملي جو اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جي مخالف ڌر شروع ئي پورو ملڪ بند ڪرڻ جو چوندي رهي پر وزيراعظم عمران خان ڏهاڙيدار طبقي جي مفاد ۽ معيشت جو ڦيٿو روان دوان رکڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي اختيار ڪندي زندگين ۽ روزگار کي محفوظ بڻايو