دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان جي اڪنامڪ ويزن تحت اسان سي پيڪ کي وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، افغانستان جي معاملي کان پهرين به اسان وچ ايشيائي رياستن تي ان باري ۾ زور ڏيندا رهيا آهيون. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ازبڪستان سان ٽرانس مزار شريف ٽرين ۽ روڊ نيٽ ورڪ منصوبي تحت اسان گوادر کان ڪراچي کي مزار شريف جي رستي پهرئين ئي تاشقند ۽ ان کانپوءِ دوشنبي ۽ قازقستان سان ملائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سمورين وچ ايشيائي رياستن ان منصوبي تحت ٽرين ۽ رستي سان ڳنڍجي وينديون ۽ پورو منظر ن??مو بدلجي ويندو، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي پوري اميد آ??ي ته افغانستان ۾ صو??تح??ل بهتر ٿيندي، قازقستان جي صدر سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ به افغانستان جي صو??تح??ل تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو يا مڪمل نقصان ڏانهن، هن چيو ته عالمي دنيا افغانستان ۾ طالبان عملدارن سان ايگريمينٽ ڪري هلي ٿي ته ان ۾ افغانست??ن ۽ دنيا جو فائدو ٿيندو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان افغانستان کي موجوده صو??تح??ل ۾ رستي ۾ ڇڏي ڏنو ته ان سان مسئلا پيدا ٿيندا.