اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 44 فوتگيون ٿيون جنهن مان 20 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾4 هزار 119 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 17 سيڪڙو، پشاور ۾ 17 سيڪڙو، لاهور 20 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 34 سيڪڙو م??يض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 27، ڪراچي ۾ 52 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 29 سيڪڙو ۽ گلگت ۾ 43 سيڪڙو م??يض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 52 هزار 291 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 18 هزار 737، پنجاب ۾ 18 هزار 29، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 600، اسلام آباد ۾ 3 هزار 404، بلوچستان ۾ 1 هزار 878، گلگت بلتستان ۾ 782، آزاد ڪشمير ۾ 861 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 35 هزار 42 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ??ويڊ 19 جو ڪو به م??يض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 294 م??يض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 56 هزار 952 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 15 هزار 827 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 23 هزار 370، بلوچستان ۾ 29 هزار 861، گلگت بلتستان ۾ 7 هزار 896، اسلام آباد ۾ 86 هزار 226، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 42 هزار 400، پنجاب ۾ 3 لک 54 هزار 312 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 71 هزار 762 م??يض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 هزار 133 ٿي چڪو آهي.