??سل??م آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان آذربائيجان جي سفير پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب آذربائيجان جي سفير علي آليزاده سينيٽ چيئرمين سان سندس پڦي جي لاڏاڻي تي ??فسوس جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي، ملاقات دوران ٻطرفي معاملن تي ??فصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ ڪورونا وبا جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ??ه بحث ٿيو، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپاري تعاون ک?? وڌيڪ فر??غ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، معاشي تعاون سان ٻن??ي ملڪن جي عوام ۽ سيڙپڪارن کي ويجهو آڻڻ جو موقعو ملندو، گڏيل لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي فر??غ لاءِ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جو فر??غ نهايت ضروري آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان سدائين هڪ ٻئي جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. ناگورنو، ڪاراباخ ۽ ڪشمير مسئلي تي ٻنهي جو تعاون ويجهي لاڳاپن جو ثبوت آهي.