اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فلسطينن سان ڀرپور يڪجهتي جي اظهار تي قوم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فلسطين جي باري ۾ دنيا جي راءِ تبديل ٿي رهي آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن فلسطينن کي برابر جا حق ملندا، اسان امن لاءِ دعاڳو آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن فلسطينن سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن ملهائڻ جي موقعي ??ي قوم کي خطاب ۾ ڪيو، وزيراعظم چ??و ته اڄ جهڙي طرح سان پاڪستاني قوم فلسطينن جي حمايت ۾ نڪتي آهي ??ن سان مون کي خوشي ٿي آهي، سڄي قوم فلسطينن تي ظلمن جي نشاندهي ۽ ان جي مذمت ڪئي آهي جنهن تي قوم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چ??و ته اسرائيل جڏهن کان ٺهيو آهي پاڪستان جو ان مسئلي ??ي هڪ ئي موقف رهيو آهي ۽ اهو موقف اسان جي عظيم اڳواڻ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي ??ناح جو هو ته فلسطينن سان اها وڏي ناانصافي ۽ زيادتي ٿي آهي ۽ اسان پنهنجي موقف تي سدائين قائم رهنداسين. وزيراعظم چ??و ته 27 رمضان جي رات جڏهن جو مسجد نبوي ۾ هو ته کيس قبله اول مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي ??ملي ۽ اسرائيلي پوليس طرفان فسلطينن تي تشدد جو پتو پيو، 70 سالن کان فلسطينن جي آبادي کي اسرائيلي ??بادڪارن انهن جي گهرن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ??ن سان هڪ نئون انتشار پيدا ٿيو، وزيراعظم چ??و ته غزه ۾ بمباري ڪئي وئي ۽ طاقتور ور فوج هٿين خالي فلسطينن تي ظلم ڪيو ويو، ٻارن کي بمباري ڪري شهيد ڪيو ويو، ان صورتحال ۾ اڳئين ڏينهن ئي مون او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چ??و ته او آءِ سي ان مع??مل?? تي اسٽينڊ وٺي ۽ فلسطينن تي ظلم جي مع??مل?? کي گڏيل قومن ۾ کنيو وڃي، وزيراعظم چ??و ته مون پاڪستان واپس اچي شاهه سلم??ن سان ان مع??مل?? تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ان مع??مل?? تي آواز بلند ڪرڻ جو چيو، وزيراعظم چ??و ته ان کانپوءِ ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ملائشيا جي اڳوڻي وزيراعظم مهاتر محمد سان به ان مع??مل?? تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پوءِ فلسطين صدر محمود عباس سان ٿي مون کين خاطري ڪرائي ته سڄي ملسمان امت پر سموري انصاف پسند دنيا انهن سان گڏ بيـٺل آهي ۽ مون شاهه محمود قريشي کي هدايت ڪئي ته ان مع??مل?? کي گڏيل قومون جي جنرل اسيمبلي ۾ کڻي ۽ هن جهڙي طرح س??ن سڀني مسلمان ملڪن کي گڏائي ان مسئلي کي ڀرپور طريقي سان کنيو ان تي کيس داد ڏيان ٿو، هن چ??و ته ??ن سڄي صورتحال ۾ خوشي جي ڳالهه اها آهي جو هاڻي دنيا جي راءِ فلسطينن جي باري ۾ تبديل ٿي رهي آهي.