اسلام آ??اد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ٻين عالمي فورمن تي ??لسطين مسئلي ۽ اسرائيلي ظلمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو آهي، فلسطين جي مسئلي جي پائيدار ۽ مستقل حل تائين وچ اوڀر ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، ان??اني جانين جي تحفظ ۽ مسئلي جي حل لاءِ عالمي ضمير کي جاڳائڻ ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جنرل اسيمبلي جو صدر 27 مئي تي ??اڪستان جو دورو ڪندو، ان??اني همدردي جي ب??يا?? تي ??لسطيني ڀائرن جي لاءِ امداد موڪلينداسين، پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، افغانستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جا خواهشمند آهيون، وزيراعظم عمران خان جي هوندي ڪو آمريڪي اڏو پاڪستان جي سرزمين تي ??ه ٺهندو، اسان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڊرون حملا برداشت نه ڪيا ويندا، اڄ پاڪستان محفوظ هٿن ۾ آهي. سينيٽ ۾ فلسطين جي صورتحال تي ??اليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هنگامي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي هن ملڪ جو موقف پيس ڪيو ۽ اسان هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي.