اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي لاءِ وسيلا گڏ ڪرڻ شرم جي ڳالهه نه آهي، تاريخ لک??دي ته سنڌ ڦريو پ??ي ويو ۽ بلاول پريس ڪانفرنس ۾ بانسري وڄائي رهيو هو، شرم ۽ ندامت توهان کي هجڻ گهرجي ته پنهنجي ملڪ ۽ عوام جو پئسو ڦريو، ٻاهرئين ملڪ ملڪيتون ٺاهيون، اڳ ۾ ??ُڪ??جي ويا پوءِ تسليم ڪري ورتو. مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول ڀٽو ??ي بيان تي ردعمل ۾ چيو ته شرمن??گي جي ڳالهه اها آهي ته توهان حڪمران هجو پر سنڌ جي عوام کي ڪتن جي ڪاٽڻ جي ويڪسين به ميسر نه هجي، ٿر ۾ بک وگهي ٻار مرندا رهن ۽ توهان بي حسي جو بُت بڻجي تماشو ڏسندا رهو.