اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ادارن جو احترام ضروري آهي، ادارن کانسواءِ نظام قائم ناهي رهندو، انهي لاءِ چئون ٿا ته سوچي ڳالهايو ۽ ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا توريو، زرداري صاحب (ن) ليگ کي فوج يا?? ڪرائي ڇڏي آهي. اها ڳالهه هن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ?? چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ?? مفتاح اسماعيل جي هڪ بيان جو حوالو ڏيندي چيو ته مفتاح اسماعيل چئي رهيو آهي ته رڪارڊ فوج جي نگراني ۾ رکيو وڃ??، زرداري صاحب (ن) ليگ کي فوج يا?? ڪرائي ڇڏي آهي، انهي لاءِ چئون ٿا ته سوچي ڳالهايو ۽ ڳالهائڻ کان اڳ سئو ڀيرا توريو، ادارن جو احترام ضروري ان لاءِ به آهي ته ادارن کانسواءِ نظام قائم ناهي رهندو ۽ ملڪن کي ادارن جي ضرورت هوندي آهي.