اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪر?? جي لاءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز، عضون، ۽ لاڳاپيل لوازمات تي ڪسٽم ڊيوٽي کان ڇوٽ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل معذوري واري ماڻهن کي هنرمند ۽ انهن جي ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري ??ڪرام الله خان وزارت پاران ان ڏس ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گڏيل معذوري واري ماڻهن کي هنرمند ۽ انهن جي ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، خصوصي ماڻهن جي روزگار ۽ صحت جون ضرورتون ترجيحي بنيادن تي حل ڪر??يون پونديون. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي معاشرتي ۽ معاشي چئلينجز درپيش آهن، خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ حڪومت ۽ معاشري ??ي اجتماعي ذميداري ??هي.