ڪراچي ??? 21 اپريل (اي پي پي) پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارليماني اڳواڻ ??لي?? عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ 20 اپريل تائين 15 لک 73 هزار 149 ماڻهن کي 18 ارب 87 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن، سنڌ حڪومت 18 سئو جو راشن به سنڌ جي ڪنهن خاندان کي ناهي ڏنو، وزيراعظم ڏکئي و??ت ۾ سنڌ کي ناهي وساريو، لا?? ڊائون ۽ ڪرونا جي ڪري ڪيترائي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور متاثر ٿيا آهن، اسان بنا ڪنهن فرق جي سڀني کان اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ غريب عورتن کي امداد ڏني آهي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ??لي?? عادل شيخ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڏکئي و??ت ۾ سنڌ کي وساريو نه آهي، لا?? ڊائون ۽ ڪرونا وائرس جي ڪري ڪيترائي ڏهاڙيدار مزدور متاثر ٿيا آهن، سنڌ حڪومت رڳو اعلان ڪيو ??ه راشن ڏيئي رهيا آهيون، جيڪو اڃا تائين ناهي مليو.