اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) بلوچستان ۾ وفاقي ادارن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي ۽ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفي??رن کي اجلاسن ?? شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي تنبيهه ڪئي وئي آهي ته عوامي ڀلائي بابت اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي آفي??رن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿي??دي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بلوچستان ۾ 17 وفاقي ادارن جي اعليٰ آفي??رن جي ڊيش بورڊز جو جائزو ورتو ويو، صوبي ۾ وفاقي ادارن کي 11000 کان وڌيڪ شڪايتون مليون، 90 سيڪڙو حل، عوام پاران 37 سيڪڙو اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، بلوچستان ۾ سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن جي حل ۽ وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي. بلوچستان جي گورنر وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ موڪلي ۽ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفي??رن جي اجلاسن ?? شرڪت نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي، بلوچستان جي گورنر جي شڪايت تي وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم ڊيليوري يونٽ لاڳاپيل اعليٰ آفي??رن کي خط جاري ڪيو آهي. صوبي ۾ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفي??رن کي اجلاسن ?? شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ خبردار ڪيو ويو آهي ته عوامي ڀلائي بابت اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي آفي??رن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿي??دي.