اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته اڄ جمعي تي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن حڪومت پنهنجي اتحادين ۽ آزاد ميمبرن جي ڀرپور حمايت سان کٽيندي، پي ڊي ايم جهڙي طرح پهرئين مرحلي ۾ ناڪامين ۽ مايوسين جي ور چڙهي انهي طرح ٻيهر ٻڙي کان شروع ٿيندڙ تحريڪ به ناڪام رهندي، جيڪڏهن پي ڊي ايم لانگ مارچ قانون جي دائري ۾ هوندو ته انهن کي نه روڪينداسين، 22 ڪروڙ عوام ثابت ڪري ڇڏيو آه?? ته هو ڪرپشن کي تحفظ نه پر ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ رستن تي ايندي آه??، مريم نواز جي بيان مان ثابت ٿي چڪو آه?? ته هو اڄ جمعي تي ٿيندڙ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن هار??ئي چڪا آه??، وزيراعظم عمران خان ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ پارٽي کي ٻيهر فعال ۽ منظم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آه??، حڪومت جي ڪارڪردگي کي بهتر انداز اسان اجاگر ??يو ويندو. هو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳاله??ئي رهيو هو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مختلف معاملن ۽ تجويزن تي غور ڪيو ويو آه??. هن چيو ته وزيراعظم پارٽي جي عهديدارن کي هدايتون ڏنيون ته پارٽي کي هيٺين سطح تائين فعال ۽ منظم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ پارٽي جي ڪارڪنن کان روزاني جي بنياد تي ملاقاتون ڪيون وڃن. ان حوالي سان پارٽي جي عهديدارن کي مختلف ذميداريون سونپيون ويون آه??. هن چيو ته پارٽي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آه?? ته حڪومت ۽ صوبا ڊولپمينٽ ۽ معيشت جي شعبي ۾ ترقي، اداره جاتي سڌارن، وزارتن جي ڪارڪردگي کان قوم کي آگاهه ڪن ان حوالي سان باقاعده حڪمت عملي جي ذريعي اڳتي وڌن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان اڄوڪي اليڪشن جي لاءِ بلڪل تيار، اتحادي پارٽين ۽ آزاد ميمبرن سان گڏجي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جو اليڪشن کٽينداسين.