اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪستان ليبيا سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو وڏو قدر ڪري ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ليبيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) رشاد جاويد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر عارف علوي چيو ته ??اڪستان ليبيا سان گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏي?? چاهي ٿو، نامزد سفير ليبيا سان واپاري لاڳاپن ۾ بهتري ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ تر??ي لاءِ ڪم ڪري.