اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان هتي ملاقات ڪئي، توانائي واري وزير انڊسٽريل پيڪيج، توانائي ۽ پيٽروليم بابت معاملن تي وزيراعظم کي بريف ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب هن چيو ته صنعتي شعبي کي رعايتي اگهن تي بجلي جي فراهمي جي حڪومتي فيصلي جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن، وزيراعظم ڪاروباري طبقي پا??ان بجلي جي اگهن جي حوالي سان حڪومتي فيصلي جي آجيان تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪي معيشت جي است??ڪا?? لاءِ انڊسٽري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.