اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوا?? 23 ??ارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي ۽ انهي ڏينهن اسان تحريڪ پاڪستان جي انهن سمورن قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن خواب کي حق??قت جو روپ ڏيڻ جي لاءِ قرارداد پاڪستان منظور ڪئي. پاڪستان جي ڏهاڙي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ خاص مددگار چيو ته ا?? جو ڏينهن انهن جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ڪيترائي ڏهاڪا اڳ انهن جنهن جدوجهد جي شروعات ڪئي جنهن کانپوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو، اڄ هندستان پنهنجي انتهاپسندي، مذهبي اختلافن ۽ هند??تو?? کي فروغ ڏئي 23 مارچ جي ڏينهن جي اهميت ۽ فوقيت کي اڃا وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيو آهي.