اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ غلطيون ڪري جنگين جو حصو بڻياسين ۽ وڏو نقصان کنيو، پاڪستان هاڻي ڪنهن به جنگ ۾ شر??ڪ نه ٿيندو، اسان امن ڪرائيندڙ ??لڪ بڻجنداسين، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دوستي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪ??داسين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي به چيو آهي ته اسان آمريڪا ۽ ايران جي دوستي ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون جنگ ڪو به کٽي نٿو سگهي، نوجوان ??لڪ جو قيمتي اثاثو آهن، هنرمند نوجوان پروگرام تحت کين اعليٰ تعليم ۽ هنر فراهم ڪنداسين جنهن سان هو ??لڪ کي سپر پاور بڻائي سگهن ٿا، مدرسن جي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اتي به فني سکيا سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، پاڪستان سڄي مسلمان دنيا لاءِ مثال بڻجندو ۽ قيادت ڪندو، ماضي ۾ اسان ڪنهن ٻي جي جنگ ۾ حصو بڻجي تمام گهڻو نقصان کنيو، هاڻي پاڪستان ڪنهن جي جنگ ۾ شر??ڪ نه ٿيندو ۽ هي اهو ??لڪ بڻجندو، جيڪو ملڪن جي اندر امن پيدا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنرمند پاڪستان پروگرا?? جي باقاعده آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو