اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن ج?? خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق پاليسي تي ٻڌل قرض ماحولياتي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ??يڻ جي پروگرام سي ڊي ريپ تحت فراهم ڪيو پيو وڃي?? جنهن سان پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي لچڪ ۾ اضافي جي منصوبه بندي، تياري ۽ جواب ??يڻ جي ادارن سطح تي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پروگرام تحت قدرتي آفتن ج?? خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي موزونيت ۽ لچڪ جي شعبي ۾ شموليتي سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ ج?? خطي ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن ج?? خطرن سبب متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. بئنڪ جي وچين ۽ اولهندي ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل ايوگيني زوڪو ٻڌايو ته اهو پروگرام بئنڪ جي ڊگهي مدي جي ڪوششن جي بنياد تي بڻايو ويو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ موسمياتي ۽ قدرتي آفتن ج?? خطرن کي سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ??يڻ لاءِ موثر قدم کڻن آهي.