اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گهڙي چور پوليس کي ڏسندي ئي ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، پ??ليس جي وڃڻ کانپوءِ هو ٻاهر اچي ڀڀڪيون هڻي ٿو، هن شخص قانون ۽ آئين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، عمران خان ادارن جي خلاف زهر اوڳاڇي ۽ مهم جوئي ڪري ٿو، ڪير پڇڻ وارو نه آهي، هن ??ي خبر آهي ته جنهن ??ينهن عدالت آڏو پيش ٿيو ته پڪڙيو ويندو. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آهي ته هڪ فارن فنڊيڊ ايجنٽ، گهڙيءَ چور پوليس کي ڏسندي ئي لڪي وڃي ٿو ۽ پوليس جي وڃڻ کانپوءِ هي پنهنجي ٻرِ کان ٻاهر نڪري ڀڀڪيون هڻي ٿو، هن شخص پاڪستان جي قانون ۽ آئين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، ان جي باوجود هي شخص عدل جي نظام جي اکين تي سوار آهي. هن ??يو ته هن شخص کي خبر آهي ته جيترو وڌيڪ رڙيون ڪندو ايترو جلدي ان کي ريليف ملي ويندو. ان کي خبر آهي ته هي عدليه ??ي حملي آور ٿيندو، غنڊه گردي ڪندو، عدليه کي ڌمڪائيندو ته کيس ضمانت ملي ويندي، هي شخص عدالت آڏو ان لاءِ پيش نه ٿو ٿئي ڇو ته ان کي خبر آهي ته هي گهڙيءَ چور ۽ فارن ايجنٽ آهي، هن پاڪستان جي عوام کي ڦريو ۽ مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهيو آهي ۽ هي ڄاڻي ٿو ته جنهن ??ينهن هي عدالت آڏو پيش ٿي ويو ته پڪڙيو ويندو. هن ??يو ته ان کي جڏهن پوليس پڪڙڻ اچي ٿي ته هي رڙيون ڪ??ڻ لڳي ٿو ۽ ٻرِ ۾ لڪي وڃي ٿو، هي پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي وٺي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن شخص بابت اهو ئي مثال آهي ته مون چوري ڪئي آهي ته منهنجو ڇا ڪري وٺندا، پ??ري جو پورو نظام ان جي هٿان مجبور آهي. هن ??يو ته عمران خان ادارن جي خلاف غلاضت اوڳاڇي ٿو ۽ مهم جوئي ڪري ٿو، عمران خان کي خبر آهي ته هو عدليه ??ي ح??لو ڪندو، ڌمڪيون ڏيندو ته ان کي بيل ملي ويندي. هن ??يو ته عمران خان جيڪڏهن ??وهه ناهي ڪيو ته عدالت ۾ پيش ٿئي پر اهو رڳو ٻرِ ۾ ويهي سگهي ٿو. هن ??يو ته زمان پارڪ ۾ سمجهوتا ايڪسپريس روانگي جي لاءِ تيار آهي پر اهي سمجهوتي نه اين آر او جي لاءِ منٿون آهن، فارن ايجنٽ توشه خانه چور کي اين آر او گهرجي، ان کي ان وقت سوچڻ گهرجي ها جنهن وقت گهڙيءَ چوري ۽ توشه خانه ۾ ڌاڙو هڻي رهيو هو، پ??هنجي ملازمن جي ذريعي ايجنٽ بڻجي فارن فنڊنگ ۽ مني لانڊرنگ ڪري رهيو هو.