اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت بلتستا?? جي عوام ۽ اميدوارن کي جمهوري عمل ?? حصو وٺڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مخالف ڌر جي اعليٰ سطحي قيادت هڪ مهيني کا?? جيڪا عوام جي ذهنن تي سوار هئي ۽ جي بي اليڪشن کي ريفرنڊم چئي رهي هئي، گلگت بلتستا?? جي عوام انه?? جي ۽ نواز شريف جي بياني کي رد ڪندي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي ڇڏيو آهي، گلگت بلتستا?? جي اليڪشن کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، آئنده چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جلد قانونسازي ڪنداسين، خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ناموس تي حملو ڪندڙ اسان جو اولين ترين دشمن آهي، وزيراعظم عمران خان ان مسئ??ي تي گڏيل قومن سميت مسلم ملڪن کي خط لکڻ کانسواءِ جيڪو موقف اختيار ڪيو ۽ جهڙي طرح مسلمان امت جي ترجمان ڪئي ان جو ماضي ۾ ڪٿي مثال نٿو ملي، ڪا به سياسي پارٽي اهڙي مسئ??ي تي احتجاج ڪندڙن کي طاقت جي ذريعي منشتر نٿي ڪري سگهي، انهن سان ڳالهي?? جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪهڙي طرح عوامي شڪايتن کي ختم ڪرڻو آهي ۽ ان ڏس ۾ گهرو وزارت تمام جلد پڌرنامو جاري ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.