اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پنهنجي ثقافت جي ذريعي تش??ص کي محفوظ بڻائينداسين، اي ڪامرس جي ذريعي گهرن ۾ ٺاهيل شيون ??ور?? دنيا تائين پهچائي سگهجن ٿيون، ان سان گهريلو صنعت ۽ ثقافت به زنده رهندي آ??ي، ڪاروبار بهتر، قومي شناخت ۽ سياحت فروغ وٺندي آ??ي، ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ ثقافت سان ٿيندي آ??ي، اهي قومون جنهن جي ثقافت ناهي هوندي انهن جي تش??ص کي نقصان پهچندو آهي. لوڪ ورثه ميلي جي حوالي سان تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و ته لوڪ ورثه زبردست ميلو ترتيب ڏنو آهي، ان ۾ شريڪ ماڻهن جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي، هي ادارو بنيادي طور تي انهي مقصد جي لاءِ ٺاهيو ويو هو، ان ميلي جو بنيادي مقصد پاڪستان جي عوام کي جوڙڻ، پاڪستان مختلف ثقافتن جو مجموعه آهي، ڪا به قوم پنهنجي ثقافت سان سڃاتي ويندي آ??ي، لوڪ ورثه پنهنجون ذميداريون بهترين طريقي سان نڀائي رهيو آهي.