اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي صاف پاڻي جي ??را??مي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان بي شمار مسئلا درپيش آهن، ماضي ۾ انهن مسئلن جي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، تازين برساتن انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي، وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان“ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو، اج??اس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، سينيٽر شبلي فراز، سيد امين الحق، سيد علي حيدر رضوي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل (وڊيو لنڪ)، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز شريڪ ٿيا، اج??اس ۾ ڪراچي جي پراڻي مسئلن جي حل جي حوالي سان جامع منصوبي ”ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان“ جو جائزو ورتو ويو، اج??اس کي خطاب ڪندي وزي??اع??م عمران خان چيو ته صاف پاڻي جي ??را??مي، سيوريج، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ، نالن جي صفائي ۽ ٽرانسپورٽ جي حوالي سان ڪراچي جي عوام کي بي شمار مسئلا درپيش آهن، بدقسمتي سان ماضي ۾ انهن مسئلن جي مستقل بنيادن تي حل کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو، هن چيو ته تازين برساتن جتي انتظامي ڍانچي جي مسئلن کي اجاگر ڪيو اتي ڪراچي جي عوام ??ي تمام گهڻن مسئلن جي ور چاڙهيو آهي، جنهن جي وفاقي حڪومت کي مڪمل ڄاڻ آهي.