اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گهرو وفاقي وزير برگيڊيئر (ر) اعجاز احمد شاهه جي گهر ويو ۽ سندس ڀائرن پير طارق احمد شاهه ۽ پ??ر حسن احمد شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ ??ان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي گهرو وزير اعجاز احمد شاهه جي ڀائرن جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪ??و، هن مرحومن جي بلند درجن ۽ ڏکويل خاندان لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.