اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو آهي ته 5 آگسٽ تي پوري قوم ڀارت جي غاصباڻي قدم جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائيندي، والاريل ڪشمير جي معصوم عوام اڪيلي نه آهي، اسان انهن سان گڏ بيٺل آهيون، 5 آگسٽ تي سينيٽ جو خاص اجلاس مظفرآباد ۾ ٿيندو. جاري بيان ۾ راجا فاروق حيدر چيو ??ه مظفرآباد ۾ سينيٽ جو خاص اجلاس ڪشمير جي تحريڪ آزادي ??ي ڏس ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو، عالمي ص??افين کي والاريل ڪشمير جي دوري جي اجازت نه ڏ??ڻ ڀارتي حڪومت جي خلاف چارج شيٽ آهي.