اسلام آباد ?? 23 ??ون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ پارلياماني اڳواڻن جو ??جلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿ??و. ??جلاس ۾ قومي اسيمبلي جي 22 هين سيشن دوران ايوان جي ڪارروائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته ايوان جي ڪارروائي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائي ويندي ۽ ايوان جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي. خوشگوار ماحول ۾ ايوان جي ڪارروائي جي لاءِ تعاون تي سمورين پارلياماني پارٽين ج?? ٿورائتو آهيان. اميد آهي ته اسيمبلي جي ايندڙ اجلاسن ۾ به انهي جذبي کي برقرار رکيو ويندو. پارلياماني اڳواڻن پنهنجي ميمبرن کي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺڻ لاءِ وڌ کان وڌ موقعو فراهم ڪرڻ تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو.