اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن ۽ نائجيريا جي صد?? محمد بوباري ٽيليفون تي ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي. وزيراعظم ميڊي?? آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪست??ن ۽ نائجيريا کي هڪ جهڙيون حالتون درپيش آهن. وزيراعظم نائجيريا جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان پاران يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ان جي موثر قدمن کي ساراهيو.