اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڇنڇر کان لاڪ ڊائون کي مرحليوار ختم ڪرڻ جو ا??لان ڪندي چيو آهي ته ان جي ڪري عام ماڻهو جي زندگي مشڪل ۾ آهي ۽ ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروباري طبقي، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن، پورهيتن، دڪاندارن، رڪشي ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن سميت هيٺئين درجي جي طبقي کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ر??يو آهي، عوام ايس او پيز جي سختي سان پاڻمرادو پابندي ڪري، پوليس ذريعي ڇاپا هاڻي اهو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهجي، پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ تي صوبن جا خدشا آهن، انهن کانسواءِ فيصلا نه ٿا ڪرڻ چاهيون، صوبن سان مشاورت جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو ا??هار هن نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجل??س کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 26 فيبروري تي ڪورونا جو پهريون ڪيس سامهون آيو، 13 مارچ تي جڏهن ملڪ ۾ رڳو 26 ڪيس هئا ته حڪومت لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ۽ تڏهن کان اڄ تائين حڪومت مختلف قسم جي ميڙن ۽ عوامي ميڙ وارين جاين کي بند ڪيو آهي. هن چيو ته اهو وائرس ت??زي سان پکڙجي ٿو ۽ تمام جلدي هڪ کان ٻئي ماڻهو کي منتقل ٿئي ٿو، ان لاءِ ان جي ڦهلاءُ کي ر??ڪڻ جو ذريعو سماجي فاص??و ئي آهي.