اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي دف??ع واري نائب وزير شهزاده خالد بن سلمان بن عبدالعزيز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال س??يت ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سعودي دف??ع واري نائب وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ويجهن، هيٺئين سطح ۽ تاريخي رابطن تي ٻڌل پاڪ سعودي عرب لاڳاپا خاص اه??يت رکندڙ آهن.