اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سع??دي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ سع??دي پرڏيهي آفيس جو دورو ڪيو، سع??دي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو شاندار استقبال ڪيو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي سع??دي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ??چ اوڀر ۾ موجود ڇڪتاڻ ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.