اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت صل??حڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سان ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽرز جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪامرس، ٽيڪسٽائيل ۽ انڊسٽري وارو صل??حڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر چيئرمي?? شبر زيدي، ٽيڪسٽائيل ٽاسڪ فورس جو سربراهه حسن بشير، فنانس سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ اسپيشل فنانس سيڪريٽري عمر حميد خان پڻ موجود هئا. ناڻي واري صل??حڪار عبدالحفيظ شيخ ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ سيڪٽر جي جولاءِ ۽ آگسٽ جي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي ڪليمز فارم ايڇ بدران پراڻي اي ار ايس نظام تحت ڀرڻ ۽ ادا ڪر?? جو وفد جو مطالبو تسليم ڪري ورتو.