اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو ??هي ته تازي بدترين ٻوڏ، مالياتي ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن لاءِ سخت گير پاليسين سبب مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ 2022ع جي نالي سان شايع ٿيل رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ??هي ته 2020ع ?? 6 سيڪڙو واڌ جي باوجود هاڻوڪي بدترين ٻوڏ، مالياتي ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن لاءِ سخت گير پاليسين سبب مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ??هي ته مالي سال 2022ع ۾ مقامي گهرج ۾ اضافو، زراعت، خدمتن ۽ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ نمايان واڌ سبب جي ڊي پي ۾ 6 سيڪڙو اضافو ممڪن ٿيو ??نهن هوندي به 2023ع ۾ ماحولياتي رڪاوٽن، ڊبل ڊيجٽ ناڻي واڌ ۽ سخت مالي ۽ مالياتي پاليسي سبب پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي اڳڪٿي کي گهٽ رکيو ويو ??هي، پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻڌايو ??ه تازي بد ترين ٻوڏ پاڪستان جي معاشي منظرنامي لاءِ وڏا خطرناڪ خدشا پيدا ڪيا آهن، هن چيو ??ه اسان کي اميد آهي ته ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي سرگرمين لاءِ چڱي خاصي عالمي مدد حاصل ٿيندي جنهن سان واڌ ۾ اضافي کانسواءِ سماجي ترقي ۽ معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي مح??وظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ??هي ته سال 2022ع ۾ گهرج ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو ??نهن سان روزگار ۽ ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ چيو ويو ??هي ته سال 2022ع ۾ زراعت جي شعبي ۾ 4.4 سيڪڙو جي واڌ ٿ?? تنهن هوندي به ٻوڏ سبب ايندڙ سال ۾ ان شعبي ۾ وڏي واڌ جي اميد آهي. رپورٽ ۾ ناڻي واڌ جو دٻاءُ ۽ ان جي شرح 18 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو ??هي.