آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) بيلاروس شنگهائي تعاو?? تنظيم ايس سي او جو باضابطا طور تي ميمبر بڻجي ويو آهي. چين جي خابرو اداري شنهوا موجب شنگهائي تعاو?? تنظيم جو 24 هون سربراهي اجلاس آستانه ۾ شروع ٿيو. سربراهي اجلاس جي شروعات هڪ سرڪاري تقري?? سان ٿي جنهن ۾ بيلاروس جي ميمبرشپ جي لاءِ سڀني لاڳاپيل دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون. ملڪي سربراهن ايس سي او اجلاس ۾ جمهوريه بيلاروس جي مڪمل ميمبرشپ جو فيصلو ڪيو. واضح رهي ته شنگهائي تعاو?? تنظيم جو سربراهي اجلاس هن وقت آستانه ۾ جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان، چين، روس، قازقستان، ايران، ڪرغزستان، ڀارت، تاجڪستان، ازبڪستان، بيلاروس، منگوليا، آذربائيجان، قطر، گڏيل عرب امارات، تر??يه ۽ تر??مانستان کانسواءِ ٻيا ملڪ به شرڪت ڪري رهيا آهن.