فيصل آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته فيصل آباد ۾ پاڻي جي ??راهمي ۽ نيڪاسي جا ڪيترائي ترقياتي منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا جنهن کانپوءِ ??هر??ن کي نيڪاسي ۽ واٽر سپلائي جون وڌيڪ معياري ۽ بهترين سروسز مي??ز اچي وينديون. واسا هيڊ آفيس ۾ ايف ڊي اي جي چيئرمين ۽ پنجاب اسيمبلي جي ??يمبر لطيف نذر، ايم ڊي واسا جبار انور ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجاڻي ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي ??ڏو وزير سردار عثمان بوزدار جي ??يزن موجب ??هر??ن کي سيوريج جي سهولتن ۽ صاف پاڻي جي ??راهمي اولين ترجيح آهي جنهن لاءِ پنجاب جي ??ڏي وزير جي ??يڪيج تحت جاري ڪيل فنڊن مان ترقياتي اسڪيمن تي تعيمراتي ڪم تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي ??دايت ڪئي وئي جڏهن ته نئين اسڪيمن جا ورڪ آرڊرز جلد جاري ڪيا ويندا. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته وارث پوره، برڪت پوره، دائود نگر، چمن زار، ابن مريم ڪالوني، خوشحال ٽائون، الحسن ٽائون، ملکانواله روڊ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سيوريج لائينن، واٽر سپلائي جي ??رمت ۽ تبديلي جي ترقياتي اسڪيمن کي به جلد مڪمل ڪيو ويندو، ايف ڊي اي جي چيئرمين لطيف نذر چيو ته ايف ڊي اي ۽ واسا گڏيل طور تي ??هر??ن کي سيوريج ۽ پاڻي جي ??راهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن ۽ منظور ٿيل ترقياتي اسڪيمن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو ته جئين عوام جا مسئلا جلد کان جلد حل ٿي سگهن. واسا جي ايم ڊي جبار انور چيو ته واسا محدود وسيلن ۾ سيوريج جي ??عياري سروسز فراهم ڪري رهيو آهي تنهن هوندي به قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ??شاورت سان ترقياتي اسڪيمن کي تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان شهر ۾ سيوريج جي ??اڻي جي ??يڪاسي ۽ واٽر سپلائي ۾ وڌيڪ بهتري ممڪن ٿيندي. هن اپيل ڪئي ته آلودگي ۽ بدبوءَ کان پاڪ ماحول لاءِ سيوريج سسٽم ۾ گند ڪچرو نه اڇليو وڃي، هن سيوريج جي ??ظام کي بحال رکڻ ۾ عوامي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو.