اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن کي صحت ڪارڊ پروگرام جي حوالي سان خصوصي يونٽس جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪو ان پروگرام تي عملدرآمد تي مسلسل نظر رکي ۽ ڪنهن به درپيش مسئلي کي ??وري طور تي حل ڪري، اطلاعات واري وزارت جي مدد سان پروگرام جي مناسب مشهوري ڪئي وڃي ته جئين وڌ کان وڌ عوام کي ان پروگرام ۽ ان جي افاديت کان آگاهي حاصل ٿئي ته جئين هو ان مان فائدو کڻي سگهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ صحت جي شعبي ۾ حڪومت جي تاريخي قدمن ”صحت س??ول?? ڪارڊ“ جي ذريعي عوام کي صحت جي معياري س??ول??ن جي فراهمي جي حوالي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسين راشد، خ??بر??ختونخوا جو صحت وارو وزير تيمور سليم جهگڙا، صحت بابت وفاقي ۽ صوبائي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پنجاب ۽ خ??بر??ختونخوا صوبي ۾ صحت ڪارڊ جي فراهمي، فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جا انگ اکر ۽ هن وقت تائين ان پروگرام تي ٿيندڙ خرچن ۽ ان جي نتيجي ۾ عوام کي ??هچندڙ رليف تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ??ڌايو ويو ته خ??بر??ختونخوا صوبي ۾ صحت ڪارڊ پروگرام جي ذريعي مختلف سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ ٻه لک 10 هزار 2 سئو ايڊميشنز جي ذريعي لکين ماڻهو مستفيد ٿي چڪا آهن، جنهن تي هن وقت تائين 5.3 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آهن، اجلاس کي ??ڌايو ويو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي 26 مختلف بيمارين جي ڏس ۾ عوام کي ??عياري س??ول?? جي فراهمي کي ??قيني بڻايو پيو وڃي، ان ۾ دل سميت اهڙا مرض به شامل آهن جنهن جو علاج وڏو مهانگو ۽ غريب خاندانن جي مالي وسيلن کان ٻاهر هوندو آهي، اجلاس کي ??ڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ هن وقت تائين 85 لک خاندانن کي صحت ڪارڊ جي س??ول?? فراهم ڪئي وئي آهي، وزيراعظم صحت س??ول?? ڪارڊ جي ذريعي عوام کي ??يسر ايندڙ رليف تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته صحت جي معياري س??ول??ن جي فراهمي جو موجوده پروگرام ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ تاريخي پروگرام آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو موجوده حڪومت صحت جي حوالي سان ڪمزور طبقن جو احساس ڪندي اهڙو جامع پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن جي ڪري نه رڳو سرڪاري پر پرائيويٽ اسپتالن مان به ڪمزور طبقي کي صحت جو معياري س??ول??ون ميسر اچي رهيون آهن، وزيراعظم چيو ته صحت س??ول?? ڪارڊ سان هيلٿ سيڪٽر ۾ هڪ نئون نظام جوڙيو پيو وڇي، موجوده پروگرام سان پرائيويٽ سيڪٽر جي اسپتالن کي ??روغ حاصل ٿيندو ۽ کين ٻهراڙي ۽ ڏورانهن علائن ۾ پنهنجون خدمتن جي فراهمي ۾ مدد ملندي، وزيراعظم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ اسٽيٽ لائيف کي ??دايت ڪئي ته صحت ڪارڊ پروگرام جي حوالي سان خصوصي يونٽس جوڙيا وڃن جيڪي ان پروگرام تي عملدرآمد تي مسلسل نظر رکن ۽ ڪنهن به درپيش مسئلي کي ??وري طور تي حل ڪيو وڃي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ??دايت ڪئي ته اطلاعات واري وزارت جي مدد سان پروگرام جي مناسب مشهوري ڪئي وڃي ته جئين وڌ کان وڌ عوام کي ان پروگرام ۽ ان جي افاديت کان آگاهي حاصل ٿي ۽ هو ان مان فائدو کڻي سگهي.