اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سياسي معاملن بابت خاص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ ب??يٽ تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ عامر ڊوگر وزيراعظم کي ڏکڻ پنجاب جي محرومين کي ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي دورن جي دوران ترقياتي منصوبن خاص طور تي ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جي قيام تي ??وامي پذيرائي کان آگاهه ڪيو.