اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ ڪويت تعليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻ??هي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ڪويتي پرڏيهي وزير شيخ ڊاڪٽر احمد نصير المحمد الاحمد الجابر الصباح جي ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ٿيو. ايوان صدر مان جاري بيان موجب پاڪس??ان ۽ ڪويت تعليم، صحت، واپار ۽ معيشت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن گڏيل فائدي لاءِ ٻه طرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان ڪويت سان خوشگوار ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. پاڪس??ان ڀائر ملڪ ڪويت سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته تعليم، صحت ۽ سائنس جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي، پاڪس??ان ڪويت کي هنرمند افرادي قوت ?? ٻين پيشيوراڻي ماڻهو مهيا ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته پاڪس??ان ڪويت کي فوجي اهلڪارن کي پنهنجي فوجي تربيتي ادارن ۾ تربيت فراهم ڪري سگهي ٿو.