اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن س??نٽر (اين س?? او سي) ڪوورنا وائرس ايس او پيز کي نظر اند??ز ڪرڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آه??. م??صوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين س?? او سي ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اين س?? او سي مان جاري تفصيلن موجب اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سان صحت جي مختلف رهنما اصولن ت?? عملدرآمد کان آگاهه ڪيو ويو جيڪي سمورن صوبن کي جاري ڪيا ويا آهن. اين س?? او سي کي آگاهه ڪيو ويو ته انهن هدايتن ت?? عملدرآمد لاءِ جامع جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. اين س?? او سي ڪورونا وائرس جي وڌندڙ رجحان ۽ موت جي شرح تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي. فورم کي ٻڌايو ويو ته بيماري ۾ تيزي سان وڌندڙ رجحان نظر اچي رهي آهي ۽ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جو تناسب 7.5 سيڪڙو کي عبور ڪري چڪو آهي، تقريبن وڏن شهرن ۾ مثب ڪيسز جو تناسب 5 سيڪڙي کي عبور ڪري چڪو آهي، صوبائي انتظاميه کان ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد لاءِ فوري قدم کڻڻ جو چيو ويو آهي. عوام پاران ايس او پيز ت?? عملدرآمد نه ڪرڻ تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ايس او پيز جي وڏي پئماني تي خلاف ورزي، ماسڪ نه پائڻ، معاشرتي فاصلي کي نظر اند??ز ڪرڻ سميت حڪمن ت?? عملدرآمد نه ڪرڻ جا وڏي پئماني تي اطلاع ملي رهيا آهن.