لا??ور – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??لل?? تعاليٰ اسان جي مل?? ڪيترن ئي قدرتي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي، اسان جي مل?? ۾ ڪنهن به شيءَ جي کوٽ نه آهي، حڪومت مل?? ۾ زيتون جي ٻيلا لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، زيتون جي ٻيلن سان خاموش انقلاب اي??دو?? گذريل 12 سالن ۾ لا??ور ۾ 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، 50 مختلف جاين تي ٻيلا لڳايا ويندا، چين جي ترقي جو راز ان جي ڊگهي مدي واري منصوبابندي آهي، بدقسمتي سان ماضي جون حڪومتون اليڪشن لاءِ پنج سالن جو سوچينديون رهيون، مل?? جي مستقبل لاءِ اسان کي به ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي هلڻو پو??دو?? 10 ارب وڻ پوکڻ سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار جيلاني پارڪ ۾ اربن فاريسٽ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ وقت جڏهن لا??ور سڄو گرين هو، ٻنيون هيون، لارنس گارڊن، جناح باغ جي ڪري سڄو شهر سرسبز هو، آبادي جي وڌڻ سان گڏ اسان لا??ور جي ماحوليات تي ڌيان نه ڏنو، گذريل 12 سالن ۾ لا??ور جي 70 سيڪڙو وڻن جو خاتمو ٿي چڪو آهي، ان جا منفي اثر هاڻي سڀني جي سامهون آهن، فيبروري جي مهيني ۾ هڪ بهترين موسم هوندو هو پر اڄ حالت اها آهي ته هر پاسي ڌنڌ جو راڄ آهي جيڪا هڪ خاموش قاتل آهي، ڏينهن ئي نٿو نڪري، ڌنڌ جي ڪري ٻارن ۽ پوڙهن ۾ ڦڦڙن جو مرض عام ٿي چڪو آهي، عمران خان چيو ته اسان کي ايندڙ نسل کي صاف ۽ بهتر ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، حڪ??مت ماحولياتي آلودگي جي خاتمي جي لاءِ بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن سان آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي.