اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو، رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخ??اه?? پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ايندڙ مرحلو ملڪ ۾ صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ جو آهي، افغان امن ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشڊيائي رياستن تائين رابطا وڌندا جنهن سان پوري خطي ۾ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي خصوصي اقتصادي زون جي ترقي جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم معاهدي جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي حوالي سان اهو قدم خوش آئنده آهي، سي پيڪ تحت فيصل آباد کانپوءِ رشڪئي ٻيو خصوصي اقتصادي زون هوندو، سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو. هن خيبرپختونخ??اه?? جي وڏي وزير کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي معاهدو خيبرپختونخ??اه?? جي ترقي جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو، رشڪئي اقتصادي زون نه رڳو خيبرپختونخ??اه?? پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ان سان صنعت کي هٿي ملندي ۽ مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پي??ا ٿيندا، اسان چاهيون ٿا ته خيبرپختونخ??اه?? ۾ رهي ماڻهن کي نوڪريون ملن. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخ??اه?? جي قبائلي علائقن جي عوام دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان انهن جي لاءِ به ترقي جا موقعا پي??ا ٿيندا.