اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪست??ن سدائين افغانستان کي سهولتون پهچائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو، افغانستان جي حوالي سان تازن معاهدن ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار شامل آهي، پاڪستان افغانست??ن سميت سمورين سرحدن تي عالمي اصولن موجب ۽ مانيٽرنگ جو موثر نظام يقيني بڻائي رهيو آهي، ڪجهه ش??پسند عنصرن ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث ما??هن افغانست??ن سرحد بند هجڻ سبب رهجي ويل ما??هن ??ي اتساهيو جن چمن سرحد جي داخلي پوائنٽ تي داخل ٿيڻ جي لاءِ زور زبردستي ڪئي، ان ڇڪتاڻ تي افغان حڪومت سان به مقامي انتظاميا رابطو ڪيو ۽ صورتحال کان آگاهه ڪيو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪوورنا وائرس جي ڪري سڄي دنيا جي ملڪن پنهنجون سرحدون بند ڪ??ون، اهڙي طرح پاڪستان به افغانست??ن سميت ٻين ملڪن سان پنهنجون سرحدون بند ڪ??ون جيئن ته افغانستان جو واپار جي لاءِ ڪو سامونڊي رستو نه آهي ان لاءِ افغان حڪومت سان مشاورت کانپوءِ افغانستان تي طورخم سرحد کي غلام خ??ن سرحد ۽ انگوراڊه سرحد کي شين جي پهچ لاءِ کوليو ويو ۽ بعد ۾ عيد کان اڳ ٻيهر سرحد کي بند ڪ??و ويو. روزانو پنهنجي سرحدي جاين تان اڍائي کان ٽي هزار ما??هن جي اچ وڃ هئي، سرحدون بند هجڻ سان اڪثريت افغاني واپس هليا ويا هئا پر ڪجهه افغاني واپس نه وڃي سگهيا. چمن سرحد ويجهو واپار ۽ اسمگلنگ بند هجڻ سبب متاثر ٿيندڙ شرپسند عنصرن ۽ اسمگلرن اتي انهن ما??هن ??ي اتساهيو ۽ چمن سرحد پار ڪرڻ جي لاءِ زور زبردستي ڪئي. ان ڇڪتاڻ ۾ افغانستان پاران فائرنگ ڪئي وئي جنهن سان پاڪستان جي سرحدي چوڪين کي نقصان پهتو جنهن تي اسان پاران پڻ جواب ڏنو ويو.