اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري زاهده پروين چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) جي ڊجيٽل منتقلي جي پاليسي ايندڙ هفتي دوران وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي ويندي ته جئين براڊ ڪاسٽر جي نشرياتي نظام کي اينالاگ سان ڊجيٽل سسٽم تي منتقل ڪري سگهجي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي ??طل??عات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ دوران ڪيو، جيڪو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد ام??ن الحق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.