لاهور – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف اهو سمجهن ٿا حڪومت ڪامياب ٿي ته انهن جو پئسو پڪڙيو ويندو، ملڪي مافياز کي فڪر لڳي وئي آهي ته اسان ڪامياب ٿي وياسين ته مخالف ڌر جي سياست ختم ٿي ويندي، ملڪ مشڪل وقت مان ٻاهر نڪري آيو آهي، گه?? عرصي ۾ پنجاب ۾ سڌارا سڀ کان ??ڌي?? آيا آهن، ٽن هفتن جي محنت کانپوءِ بهترين ٽيم پنجاب ۾ آندي آهي جنهن سان پراڻي ۽ نئين پنجاب ۾ توهان کي فرق نظر ايندو، سموگ جي روڪٿام لاءِ ٻاهرئ??ن ملڪن مان صاف تيل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ??يو آهي، يورو 4 پيٽرول درآمد ڪنداسين، 2020ع جي آخر تائين يورو 5 پيٽرول تي منتقل ٿي وينداسين، لاهور ۾ 60 هزار ڪينال تي ٻيلا هڻڻ جو فيصلو ??يو آهي جنهن سان ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هو وزيراعليٰ هائوس لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.