مظفر آباد – 22 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ قانونساز اسيم??لي ميمبر چوڌري قاسم مجيد پاران آجياڻو ڏنو ويو. آجياڻي ۾ آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، اڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان، پيپلزپ??رٽ?? آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري ياسين، (ن) ليگ جي صدر شاهه غلام قادر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، سينيئر موسٽ وزير ڪرنل (ر) وقار احمد نور، وزير حڪومت فيصل ممتاز راٺور، پاڪستان پيپلزپ??رٽ?? جي قانونساز اسيم??لي ميمبرن کانسواءِ مسلم ليگ (ن) ۽ فارورڊ بلاڪ جي مي??برن شرڪت ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سميت قانونساز اسيم??لي جي مي??برن والاريل واديءَ ۾ جي – 20 اجلاس تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان مڪمل اتفاق ڪيو.